قومي ڪارڪن الهه بچايو مرڻاس

قومي ڪارڪن الهه بچايو مرڻاس

الهبچايو مرڻاس

الهبچايو مرڻاس: سنڌ جو مشهور قومي ڪارڪن الهبچايو مرڻاس، 1948ع ۾ ڳوٺ ’باگوڊه‘ تعلقي ميرپورماٿيلي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پرائمري ۽ قرآن شريف جي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين. مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپورماٿيلي مان ڪيائين. ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ واري تحريڪ ۾ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري رفيق انڍڙ جي سنگت ۾ بک هڙتال تي ويٺو، جنهن دوران جيل ڪاٽيائين. هاري تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتائين. قبائلي تڪرارن سبب هن جا ٻه ڀائر ماريا ويا. شيخ اياز ۽ فتاح ملڪ هن جا مفت ڪيس وڙهيا. ان عرصي ۾ سائين جي. ايم. سيد سان واسطو ٿيس ۽ جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جيلن ۾ وڃڻ ۽ تشدد سبب ٻوڙو ٿي پيو. ڊاڪٽر حميده کهڙو سان سمورو وقت گڏ رهيو. هن ”سنڌ دوست“ رسالو پڻ جاري ڪيو. ’لطيف ادبي اڪئڊمي‘ ڪراچي قائم ڪري ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايائين، جن ۾ نجم عباسيءَ جو ڪتاب ’ڏٺم اڻ ڏٺل‘، حميده کهڙو جو ’ڳچين سندا ڳچ‘، دادا سنڌيءَ جو ’ڏيئي ڏنڀ ڏڏن‘ ۽ ايوب کهڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” اهم آهن. ڪجهه عرصو وڪيلن سان ڪم ڪيائين. کرو ماڻهو هو ۽ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندو هو. پاڻ اپريل 2000ع ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.00.00  عيسوي

الهبچايو مرڻاس ، 1948ع ۾ ڳوٺ ’ باگوڊه ‘ تعلقي ميرپورماٿيلي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو


2000.04.00  عيسوي

الهبچايو مرڻاس اپريل 2000ع ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشفاق احمد
بيرنگ فقير
شيام ساڌورام آهوجا
خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر
چنا هارون
پرشوتم ڀڳوانداس
ابوالفضل نور احمد سنڌي
رڪ صاحب فقير
شيخ محمد سرفراز ٺٽوي
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون